بيربل نامو

بيربل نامو (ڪتاب ): هيءُ ڪتاب پيسومل ڀاڳچند جو گڏجي ترجمو ٿيل آهي، جنهن جي قيمت 9 پايون ڄاڻايل آهي. ليکڪ، اسلاميه پريس، لاهور مان سال 1889ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سال 1890ع ۾ شايع ٿيو. ٽيون ڇاپو، 1891ع ۾ مصطفائي پريس، لاهور مان شايع ٿيو. ان وقت هن ڇاپي جي قيمت هڪ آنو 6 پايون رکيل هئي. هن ڪتاب جو پهريون حصو يعقوب خان جو لکيل آهي، جنهن جي قيمت هڪ آنو ڄاڻايل آهي؛ ليکڪ هيءُ ڪتاب اسلاميه پريس، لاهور مان سال 1898ع ۾ شايع ڪيو. بيربل نامي جو ٻيو حصو، جنهن جي قيمت به هڪ آنو ڄاڻايل آهي. ليکڪ جدا ڪتاب طور اسلاميه پريس، لاهور مان 1898ع ۾ شايع ڪيو.


لفظ بيربل ناموھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو